رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سٺا نتيجا ملڻ ڏکيو آهي: هاڪي ڪوچ

پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم جي پرڏيهي ڪوچ سيگفريڊ ايڪمين چيو آهي تھ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سٺا نتيجا ملڻ ڏکيو آهي. رانديگرن جي ٽريننگ ڪيمپ جي پڄاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ پاڪستان جو مقابلو ٽاپ رينڪ وارين ٽيمن سان آهي ۽ موسم توڙي ڪنڊيشنز بھ اسان جي حق ۾ ناهن. هن جو چوڻ هو تھ اسان جي رانديگرن ۾ ٽيلنٽ آهي، اهي ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهن ٿا. هن چيو تھ ٽيم 22 جولائي تي برمنگهم رواني ٿيندي، پر مان چوان ٿو تھ اسان کي ڪنهن بھ خوشفهمي ۾ نھ رهڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button