رانديون

سريلنڪا 378 رنسون ٺاهي آئوٽ، پاڪستان جون 88 تي 3 وڪيٽون ڪري پيون

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي 378 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ان جا 88 رنسن تي ي بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي سريلنڪا 315 رنسون 6 ڄڻن جي آئوٽ ٿيڻ تي اننگ شروع ڪئي تھ سندس بيٽر بيهي نھ سگهيا ۽ اهي رڳو 63 رنسن جو اضافو ڪري آئوٽ ٿي ويا آهن. سريلنڪا جي بيٽرن مان نروشن شڪوالا 51، دنيٿ ويلالاگي 11، رميش مينڊس 35، پرابٿ جئي سوريا 8 رنسون ٺائوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ اسيٿا فرنانڊو 4 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. هوڏانهن پاڪستان جي اوپنرن مان عبدالله شفيق بڙي، امام الحق 32 ۽ ڪپتان بابراعظم 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن ۽ هن وقت محمد رضوان 24 ۽ فواد عالم 12 رنسن تي کيڏي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button