رانديون

پاڪستاني بيٽنگ ڏکيائين جو شڪار، رضوان بھ آئوٽ، 92 رنسن تي 4 ڄڻا پويلين واپس

پاڪستان جي بيٽنگ لائين سريلنڪا جي بالرن آڏو ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي ۽ ان جا 4 اهم بيٽر رڳو 90 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي 378 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ان جا 88 رنسن تي 4 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي سريلنڪا 315 رنسون 6 ڄڻن جي آئوٽ ٿيڻ تي اننگ شروع ڪئي تھ سندس بيٽر بيهي نھ سگهيا ۽ اهي رڳو 63 رنسن جو اضافو ڪري آئوٽ ٿي ويا آهن. سريلنڪا جي بيٽرن مان نروشن شڪوالا 51، دنيٿ ويلالاگي 11، رميش مينڊس 35، پرابٿ جئي سوريا 8 رنسون ٺائوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ اسيٿا فرنانڊو 4 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. هوڏانهن پاڪستان جي اوپنرن مان عبدالله شفيق بڙي، امام الحق 32 ۽ ڪپتان بابراعظم 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن ۽ هن وقت محمد رضوان 24 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي، جنهن بعد فواد عالم 15 ۽ آغا سلمان هڪ رنسن تي بيٽنگ ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button