رانديون

پاڪستان ڏکيائين جو شڪار، 191 رنسن تي 7 وڪيٽون ڪري پيون

پاڪستان جي بيٽنگ گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿيندي 191 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن. جڏهن تھ سريلنڪا 378 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي تي سريلنڪا 4 وڪيٽن تي رڳو 63 رنسن جو اضافو ڪيو. جڏهن تھ سندس بيٽرن مان نروشن ڊڪوالا 51، دنيٿ ويلالاگي 11، رميش مينڊس 35 ۽ پرابٿ جئي سوريا 8 رنسون ٺاهي سگهيا ۽ اسيٿا فرنانڊو 4 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان جي اوپنرن مان امام الحق 35 رنسن ۽ عبدالله شفيق ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، ڪپتان بابراعظم 16 رنسون ڪيون، اهڙي ريت محمد رضوان ۽ فواد عالم 24، 24، محمد نواز 12 رنسون ٺاهيون، آغا سلمان بالرن سان مزاحمت ڪندي 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. سريلنڪا جي بالرن رميش مينڊس 3، پرابٿ جئي سوريا 2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان جي نسيم شاهه ۽ ياسر شاهه 3،3 ۽ محمد نواز 2 آئوٽ ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button