پاڪستانسنڌ

ڄامشور۾ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف رهواسين جو مظاهرو، باهيون

ڄامشورو: ڄامشورو جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف رھواسين ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ۽ ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ مرتضيٰ نائچ، رجب کوکر، امير جمالي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته برسات سبب ڀريا وليج، غريب آباد ڪالوني، سيواڻي محلي، بلوچ ڪالوني، سينڊوز روڊ، چاوڙا ڳوٺ، شاهي بازار، سونارا بازار ۽ ريشم گلي مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويون آهن ۽ گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ ۽ ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ متاثرن جي واهر ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي فون به اٽينڊ نه ڪري رهيا آهن، سوين علائقا ۽ گهر پاڻي هيٺ آهن، پر پاڻي نيڪال لا صرف ٻه مشينون لڳايون ويون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ ۽ ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي هٽايو وڃي ۽ برساتي پاڻي ڪڍيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button