پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ نوجوان بجلي جي ڪريل تار ۾ وچڙي فوت

ميهڙ: ميهڙ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 16 سالن جو پورهيت نوجوان بجلي جي ڪريل تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن ته اهڙو اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن ميهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش سڃاڻپ ڪرائڻ لا تعلقي اسپتال ميهڙ آندو، جتي وڏي انگ ۾ ماڻھو تعلقي اسپتال پهتا، جنهن بعد نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ 4 ڪلاڪن بعد ڳوٺ قاضي عارف جي رهواسي عجيب الله پٽ ايوب سولنگي طور ٿي، جنهن بعد لاش ضروري ڪارروائي ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب نوجوان جو لاش ٿاڻي جي ڀرسان بجلي جي تارن ۾ وچڙيل حالت ۾ ھٿ آيو آھي، جنهن جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button