پاڪستانسنڌ

ڪڍڻ لڳ نوجوان بجلي جي تار ۾ هٿ وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪڍڻ: ڪڍڻ ڀرسان ڳوٺ دادو جمالي جي رھواسي حب علي جمالي جي نوجوان پٽ مائٽن کان ناراض ٿي بجلي جي تار ۾ ھٿ وجھي خودڪشي ڪري ڇڏيو. لاش پوسٽ مارٽم بنا وارثن حوالي، خبر موجب ڪڍڻ ڀرسان ڳوٺ دادو جمالي جي رھواسي حب علي جمالي جي نوجوان پٽ 24 ورھين جي جھانگير مائٽن کان ناراض ٿي مرزا شگر مل جي ڪين آفيس ۾ لڳل بجلي جي تار ۾ ھٿ وجھي خودڪشي ڪري ڇڏي. لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

ايس ايڇ او ڪڍڻ غلام قادر سرڪي واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ ورتو. وارثن جا بيان وٺڻ بعد لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪڍڻ چيو ته وارثن جا بيان وٺي لاش وارثن حوالي ڪيو آھي، وارثن پاڻ پوسٽ مارٽم نه ڪرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button