رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز شروع، پهريون گولڊ ميڊل برطانوي ايٿليٽ کٽي ورتو

برطانيا جي شهر ۾ راندين جو عالمي ايونٽ ڪامن ويلٿ گيمز جي مقابلن جي شروعات ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پهريون گولڊ ميڊل برطانوي ايٿليٽ ايلڪس يي ٽرائي ايٿلن مقابلي ۾ کٽي ورتو آهي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ايٿليٽ هائيڊن وائيلڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن ڪامن ويلٿ گيمز جي افتتاحي تقريب رنگن سان ڀرپور نموني منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني دستي جي اڳواڻي ڪرڪيٽر بسما معروف ۽ ريسلر انعام بٽ ڪئي.

ڪامن ويلٿ گيمز جون پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ برطانوي ايٿليٽ

تقريب ۾ برطانوي راڻي جي 1958ع کان اڄ تائين مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقات جي وڊيو ڏيکاري وئي. تقريب کي خطاب ڪندي نوبل انعام ماڻيندڙ پاڪستان ڄائي ملالا يوسفزئي چيو تھ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ايٿليٽس جي آجيان اعزاز آهي، هر ٻار خواب پورا ڪرڻ جو حق رکي ٿو، هن ايونٽ ۾ ايٿليٽس غيرمعمولي ڪارنامان سرانجام ڏيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button