اسلام آبادپاڪستان

ججن جون مقرريون سينارٽي اصول موجب ڪيون وڃن:وڪيل تنظميون

اسلام آباد :اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقررين واري معاملي تي سپريم ڪورٽ بار، پاڪستان بار ڪائونسل سميت مختلف بار ايسوسيئيشن گڏيل پڌرائي جاري ڪئي آهي. پڌرائي موجب اعليٰ عدليا ۾ پنج ججز جي نامزدگي رد ٿيڻ واري اڪثريتي فيصلي سان گڏ بيٺل آهيون. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قانون واري وزير، اٽارني جنرل جڊيشل ڪميشن ۾ اصولي موقف اختيار ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو سينيارٽي اصول تحت راءِ ڏيڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. گڏيل پڌرائي موجب اعليٰ عدليا ۾ ججن جون مقرريون سينارٽي اصول موجب ڪيون وڃن، سينارٽي اصول جي خلاف مسلسل مقررين سبب عدليا جي ساک متاثر ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button