اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آئي ايم ايف کان رقم اچڻ کانپوءِ ڊالر 210 مان 190 تي اچي ويندو:ناڻي وزارت

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت قومي اسيمبلي ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آئي ايم ايف وٽان رقم اچڻ کان پوءِ ڊالر جي قيمت 210 کان 190 تائين ٿي ويندي. کاڄرو تيل جي پيداوار ملڪ ۾ وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ قادر خان مندوخيل ۽ ٻين جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ناڻي واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري رانا اسحاق خان ٻڌايو ته آئي ايم ايف کان رقم ملڻ کان پوءِ ڊالر جي قيمت 210 کان 190 تائين ٿي ويندي. اسحاق خان چيو ته وڌندڙ مهانگائي جي ڪري پگهاردار ۽ غريب طبقي کي رليف ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button