اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس فيصلو ٻڌائڻ بدران غيرجمهوري طرح اُٿي هليو ويو:جسٽس طارق مسعود

اسلام آباد :جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي گذريل ڏينهن واري اجلاس تي سپريم ڪورٽ جي هڪ ٻئي جج خط لکي ڇڏيو آهي.جسٽس طارق مسعود چيف جسٽس ۽ جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڊيشل ڪميشن اجلاس شروع ٿيو ته چيف جسٽس پنهنجي نامزد ججز بابت ٻڌايو ۽ جسٽس (ر) سرمد جلال عثماني چئن ججز جي مقرري جي حق ۾ راءِ ڏني.جسٽس طارق مسعود جو چوڻ آهي ته جسٽس (ر) سرمد جلال عثماني هڪ جج جي مقرري جي خلاف راءِ ڏني. جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه چيف جسٽس جي نالن تي منظوري ڏني ۽ مون به پنهنجي راءِ ڏني. مون پنهنجي راءِ ۾ جسٽس اطهر من الله جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو چيو. جسٽس طارق مسعود جو چوڻ آهي ته مون به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج جي نامزدگي نامنظور ڪئي. هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز ۾ جسٽس اطهر من الله سينيئر ترين جج آهي. اٽارني جنرل، قانون واري وزير ۽ بار ڪائونسل جي نمائندن مون سان اتفاق ڪيو. جسٽس طارق مسعود خط جي متن ۾ چيو آهي ته اٽارني جنرل، قانون وارو وزير ۽ بار ڪائونسل نمائندن چئن نامزد ججز جي مقرري نامنظور ڪئي. خط جي متن موجب جسٽس فائز عيسيٰ چيف جسٽس طرفان نامزدگين کي نامنظور ڪرڻ جا ڪارڻ ٻڌائي رهيو ۽ ان دوران چيف جسٽس غيرمعمولي ۽ غيرجهموري عمل ڪندي اُٿي هليو ويو ۽ چيف جسٽس ڪميشن جو فيصلو لکرائڻ بنا اجلاس مان اُٿي هليو ويو. جسٽس طارق مسعود جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ نامزد ججن کي نامنظور ڪرڻ واري منهنجي راءِ سان اتفاق ڪيو. معاملو واضح ٿي ويو هو ته ڪميشن جي پنجن ميمبرن نامزدگين کي نامنظور ڪري ڇڏيو هو. چيف جسٽس راءِ ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌائڻ بدران اوچتو گڏجاڻي مان اُٿي هليو ويو. خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس باضابطا طور گڏجاڻي ختم ڪرڻ بدران ملتوي چئي اُٿي هليو ويو. پي آر او سپريم ڪورٽ جي پڌرائي حقيقتن جي ابتڙ آهي. ٽن ڪلاڪن جي اجلاس ۾ ڪنهن به اجلاس ملتوي ڪرڻ جو ناهي چيو. اجلاس اوچتو ختم ڪيو ويو، جيئن ۾ شروع ۾ ئي ٻڌايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button