رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ هاڪي ميچ برابر

لنڊن: ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم جو افتتاحي ميچ ڏکڻ آفريڪا خلاف 2-2 تان برابر ٿي ويو. برمنگهم هاڪي ڪلب ۾ کيڏيل ميچ جي پهرئين ڪوارٽر جي 14هين منٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان بيچر شارٽ ڪارنر ذريعي گول ڪيو. 25هين منٽ ۾ پاڪستان جي رضوان علي شارٽ ڪارنر ذريعي گول ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي. چوٿين ڪوارٽر ۾ گول ڪري ڏکڻ آفريڪا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن جي برتري حاصل هئي پر افراز راند جي آخري لمحن ۾ گول ڪري پاڪستان کي شڪست کان بچائي ورتو. مردن جي هاڪي ايونٽ ۾ ڏهن ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، پاڪستان پول اي ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ اسڪاٽ لينڊ سان گڏ آهن. هر گروپ مان ٽاپ ٻه ٽيمون ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچنديون. پاڪستان جي ايندڙ ميچ 31 جولاءِ تي نيوزيلينڊ، اسڪاٽ لينڊ ۽ آسٽريليا سان 3 ۽ 4 آگسٽ تي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button