رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز، پاڪستاني رانديگرن جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي

برمنگهم: برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز جي پهرئين ڏينهن پاڪستاني رانديگر سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا. قومي رانديگر سوئمنگ، ڪرڪيٽ، باڪسنگ، بيڊمنٽن ۽ جمناسٽڪ ۾ ناڪام رهيا. ڪامن ويلٿ گيمز جي پهرئين ڏينهن پاڪستاني جمناسسٽ محمد افضل پهريون ڀيرو ايڪشن ۾ نظر آيو پر هو جمناسٽڪ جي ٽنهي ايونٽس فلور ايڪسرسائيز ايونٽ، رِنگس ۽ والٽ گول ۾ سٺي پرفارمنس نه ڏئي سگهيو. سوئمنگ ۾ پاڪستاني سوئمر حسيب طارق پنهنجي گرمي ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي، هن 50 ميٽر بٽر فلائي ۾ فاصلو 25 ڏهائي 97 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو پر بهتر وقت نه ملڻ سبب هو سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي نه ڪري سگهيو.

وومين سوئمنگ ايونٽ ۾ جهان آرا، مشال ايوب ۽ بسمه خان به پنهنجي ابتدائي رائونڊ ۾ ناڪام ٿي ويون، جهان آرا 200 ميٽر فري اسٽائل ۾ ڇهين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته مشال ايوب 50 ميٽر بريسٽ اسٽروڪ ۾ 37 ڏهائي 50 جي وقت سان ڇهين پوزيشن حاصل ڪئي. ٻئي طرف باڪسنگ ۾ ويلٽر ويٽ ڪيٽيگري ۾ پاڪستاني باڪسر سليمان بلوچ جو مقابلو ڀارتي باڪسر سيوا ٿاپا سان ٿيو جنهن ۾ ڀارتي باڪسر ڪامياب رهيو. بيڊمنٽن ۾ پاڪستان کي مڪسڊ ٽيم ۽ سنگلز ايونٽس ۾ ڀارت هٿان شڪست ملي. ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان وومين ٽيم بارباڊوس جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button