رانديون

ڏکڻ آفريقا ويمن هٿان سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان شڪست

ڏکڻ آفريقا ويمن ٽيم ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سريلنڪا ويمن کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سريلنڪا ويمن ٽيم 46 جي گهٽ ترين رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ 20 اوورن واري ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا چوٿين اوور ۾ 47 رنسن جو هدف پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ اوپنرن تزمين برٽس 21 ۽ انيڪي بوش 20 رنسون ٺاهيون. ميچ ۾ سريلنڪا جون 9 بيٽر ڊبل فگر ۾ نُھ بھُ آيون. جڏهن تھ ڪپتان چماري اتاپٽو 15 رنسن سان نمايان رهي. ڏکڻ آفريقا جي نيڊني ڊي ڪلارڪ 3 ۽ مصاباتا ڪلاس 2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button