رانديون

ڪامن ويلٿ ۾ ريسلرن پاڪستان کي 5 ميڊل ڏياري ڇڏيا

ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ريسلرن پاڪستان کي مجموعي طور تي هڪ گولڊ ميڊل سميت 5 ميڊل ڏياري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق ريسلر عنايت الله ٽامي، انعام بٽ ۽ زمان انور رائونڊ کٽي چاندي جا ميڊل ماڻي ورتا آهن. انعام بٽ فائنل ۾ هارايو، پر کيس چاندي جو ميڊل مليو، زمان انور ڪينيڊا جي پهلوان کي هارايو. اهڙي ريت عنايت الله بھ پنهنجو مقابلو کٽيو آهي. ريسلر محمد شريف بھ ميڊل جو حقدار بڻجي ويو آهي، پر ريسلر اسد علي ۽ طيب رضا هارائي ويا آهن. آسٽريليا جو 145 ميڊلز سان پنهنجي پهرين پوزيشن تي اڃا تائين قبضو برقرار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button