رانديون

انگلينڊ ويمن کي شڪست، ڀارت ڪامن ويلٿ گيمز جي فائنل ۾ پهچي ويو

ڀارت ويمن ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ ويمن کي 4 رنسن تان شڪست ڏئي ڪامن ويلٿ گيمز جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق برمنگهم ۾ ايونٽ دوران ڀارت ويمن ٽيم 5 وڪيٽن تي 164 رنسون ڪيون، انگلينڊ جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 160 رنسون ٺاهي سگهي آهي. ڀارت جي سمرتي منڌنا 61 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ريت جميما رودرگس 44، دپتي شرما 22، هرمنپريت ڪور 20 ۽ شيفالي ورما 15 تي آئوٽ ٿي ويون. جڏهن تھ انگلينڊ جي بيٽرن مان ڪپتان نيٽ سيور 41، ڊاني ويٽ 35، ايمي جونز 31، ايلس ڪيپسي 13 رنسون ٺاهي سگهيون. بالرن ۾ انگلينڊ جي فريا ڪيمپو 2 وڪيٽون ورتيون، ڀارت جي سنيها رانا 2 ۽ دپتي شرما هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button