رانديون

وومنز بگ بيش ۾ ميلبورن ۽ اسڪارچرز ميچن کٽي ورتيون

وومنز بگ بيش ليگ جي جاري مقابلن ۾ پرٿ اسڪارچر سڊني ٿنڊر کي 81 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن تھ ميلبورن رينيگيڊز سڊني سڪسرز کي 7 وڪيٽن تان هارايو آهي. ميڊيا مطابق پهرين ميچ ۾ سڊني سڪسرز پهرين کيڏندي 118 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ايلسي پيري 50 رنسن سان نمايان رهي، جنهن جي موٽ ۾ ميلبورن رينيگيڊز 17هين اوور ۾ 120 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ پرٿ اسڪارچرز صوفي ڊوائين جي 101 رنسن جي مدد سان 186 رنسون ٺاهي ڇڏيون، جنهن جي پويان کيڏندي سڊني ٿنڊر جبل جيڏي هدف آڏو 9 وڪيٽون وڃائي 105 رنسون ٺاهي سگهي ۽ شڪست کائي وئي آهي. ايلسي پيري ۽ صوفي ڊوائين پليئر آف ميچ قرار ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button