رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز جي قومي هيروز جي وطن واپسي، شاندار استقبال

اسلام آباد: برطانيا ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ قومي هيروز جي واپسي شروع ٿي وئي آهي. سلور ميڊلسٽ زمان انور، محمد شريف طاهر ۽ برونز ميڊلسٽ اسد علي پاڪستان پهتا، اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ڪرنل رٽائرڊ محمد آصف زمان رانديگرن جو استقبال ڪيو ۽ ڪامن ويلٿ ميڊل کٽندڙ رانديگرن کي گلدستا پيش ڪيا.

ان موقعي تي ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ چيو ته قومي هيروز کي ڀليڪار ڪريون ٿا، ارشد نديم، نوح دستگير بٽ ۽ ٻين ميڊل کٽيندڙن جي به وطن واپسي تي ڀليڪار ڪنداسين. محمد آصف زمان وڌيڪ چيو ته رانديگرن جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي ۽ کين انعام ڏنا وينداسين. هن چيو ته ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙن کي 50 لک، سلور ميڊل کٽيندڙن کي 20 لک ۽ برونز ميڊل کٽيندڙن کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button