رانديون

پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ڇوڪريون وڌيڪ پريشان ڪنديون آهن: حارث رئوف

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ڇوڪريون ڪجهه وڌيڪ پريشان ڪنديون آهن. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حارث رئوف پنهنجي ڪيريئر جي ڏکين ڏينهن سميت ٻين ڪيترن ئي پهلوئن جو ذڪر ڪيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ حارث رئوف چيو ته منهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ جڏهن ڇوڪريون مون کي تنگ ڪنديون هيون ته سٺو لڳندو هو پر هاڻي خراب ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن توهان جوان آهيو ته ڪا ڇوڪري اچي ڳالهائي ۽ تصوير ڪڍرائي ته توهان کي سٺو لڳندو آهي پر پر وقت گذرڻ سان گڏ توهان انهن سڀني شين مان ٿڪجي ويندا آهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ حارث رئوف جو چوڻ هو ته مان پسند جي شادي کي ارينج ۾ تبديل ڪرڻ چاهيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button