رانديون

ٽيم لاءِ ڪنهن به بيٽنگ نمبر تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان: شاداب خان

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان جو چوڻ آهي ته هو پاڪستاني ٽيم لاءِ ڪنهن به بيٽنگ نمبر تي کيڏڻ لاءِ تيار آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نائب ڪپتان چيو ته جيڪڏهن منهنجي درخواست تي فيصلو ٿيو ته مڊل آرڊر ۾ ضرور کيڏندس پر ٽيم جي ضرورتن کي ڏسڻو پوندو. مان ڪنهن به بيٽنگ نمبر تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان.

آل رائونڊر جو چوڻ هو ته مصروف شيڊول گرين شرٽس جو انتظار ڪري رهيو آهي، آءِ سي سي ورلڊڪپ سپر ليگ ۾ هر سيريز ۾ پوائنٽس اهم هوندا آهن، ان ڪري هاڻي فوڪس هالينڊ جي دوري تي آهي، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي سخت تياري ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پوري ٽيم هڪ خاندان وانگر متحد آهي ۽ بابر اعظم جي قيادت ۾ جيڪڏهن گڏجي کيڏندا ته ڪاميابي ملندي، سمورا رانديگر ايندڙ ميچن ۾ سٺي پرفارمنس لاءِ پرعزم آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button