رانديون

آءِ سي سي جو اڳوڻو ايليٽ پينل امپائر روڊي ڪرٽزن روڊ حادثي ۾ فوت

ڪيپ ٽائون: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جو ڏکڻ آفريڪي اڳوڻو ايليٽ پينل امپائر روڊي ڪرٽزن روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب ڏکڻ آفريڪا جي شهر ريورسائيڊ ۾ ڪار حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي امپائر سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. روڊي ڪرٽزن پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر دوران 397 ميچن ۾ آن فيلڊ ۽ ٿرڊ امپائر جو ڪردار ادا ڪيو، هن 128 ٽيسٽ، 250 ون ڊي ۽ 19 ٽي-ٽوئنٽي ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي.

آءِ سي سي جي ايليٽ پينل امپائر ڪرٽزن کي 1990ع کان 2010ع تائين سڀ کان وڌيڪ ميچن ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي نمائندگي ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن عالمي سطح تي لڳ ڀڳ 400 ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي. ٻئي طرف اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ امپائرن روڊي ڪرٽزن جي اوچتي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button