رانديون

شعيب اختر بهترين مان بهترين آهي ۽ هميشه رهندو: نعمان نياز جو بيان

اسلام آباد: سرڪاري ٽي وي تي لائيو شو دوران ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز جو بيان به سامهون آيو آهي، جنهن شعيب اختر کي پرڏيهي سپر اسٽارز جي سامهون شو ڇڏڻ جو چيو هو.

پاڪ-نيوزيلينڊ ميچ دوران سرڪاري ٽي وي تي لائيو شو پروگرام جي ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز سر وائي رچرڊز ۽ ڊيوڊ گوور سميت ٻين مهمانن جي سامهون شعيب اختر کي شو ڇڏڻ جو چيو هو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر نعمان نياز چيو ته حيران آهيان ته شعيب اختر کي ڪير صرف هڪ اسٽار جي حيثيت سان ڪيئن ياد ڪري سگهي ٿو، هو بهترين مان بهترين آهي ۽ هميشه رهندو، شعيب اختر ملڪ جي لا اعزاز آندا آهن، ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي.

ڊاڪٽر نعمان نياز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته هڪ طرفي ڪهاڻي هميشه متوجهه ڪندي آهي، اسان ڪافي عرصي کان دوست آهيون، سندن بهتر مستقبل لاءِ هميشه دعاگو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button