رانديون

نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي 50 رنسن تان هارائي ڇڏيو

نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي 50 رنسن تان شڪست ڏئي حساب برابر ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جي ٽيم 49 اوور ۾ 212 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 36 اوور ۾ 161 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. نيوزيلينڊ مان بيٽر فن ايلن 96 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڊيرل مچل 41 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز مان يانڪ ڪيري 52 ۽ الزاري جوزف 49 رنسن سان نمايان رهيا. اهڙي ريت بالرن ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪيون سنڪليئر 4 ۽ جيسن هولڊر 3، نيوزيلينڊ مان ٽم سائودي 4 ۽ ٽرينٽ بولٽ 3 شڪار ڪيا آهن. جڏهن تھ راند کي 41 اوورن تي محدود ڪرڻ بعد فيصلو ڊي ايل ايس تحت ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button