رانديون

ڀارت ٻي ون ڊي ۾ بھ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان هارائي سيريز کٽي ورتي

 ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ون ڊي ۾ بھ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق هراري ۾ کيڏيل ون ڊي ۾ زمبابوي جي ٽيم 39 اوورن ۾ 161 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڀارت 26 اوور ۾ هدف پورو ڪري ورتو. جڏهن تھ زمبابوي جي بيٽرن مان سين وليمز 42، ريان برل 39 رنسن سان نمايان رهيا، پر سندن 7 بيٽر ڊبل فگر ۾ پهچڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. جڏهن تھ ڀارتي بيٽرن مان سنجو سيمسن 43، شيکر ڌون ۽ شبمن گل 33، 33 رنسون ٺاهي ميچ کٽرائي ورتي. ڀارت جي بالرن بالرن ۾ شيردل ٺاڪر 3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ محمد سراج، پراسد ڪرشنا، اڪشر پٽيل، ڪلديپ يادو ۽ ديپڪ هوڊا هڪ، هڪ آئوٽ ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button