
پاڪستان جي ويمن ٽيم ٽينس جي هڪ ايونٽ ۾ ترڪمانستان جي ٽيم کي هارائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بيلي جين ٽينس ڪنگز ڪپ جي هڪ اهم ميچ ۾ پاڪستاني جي رانديگرياڻي اشنا سهيل ڊبلز ۾ سارا محبوب سان گڏجي شاندار راند کيڏندي ترڪمانستان جي رانديگرياڻين کي شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ سارا محبوب کي سنگلز جي مقابلي ۾ شڪست ملي آهي.