رانديون

وزيراعظم سرڪاري کاتن ۾ راندين جا شعبا بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف سمورن سرڪاري کاتن ۾ راندين جا شعبا بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق وزيراعظم شهباز شريف ڪامن ويلٿ ۽ اسلامڪ گيمز ۾ ميڊل کٽيندڙن جي مان ۾ تقريب دوران ايٿليٽ ارشد نديم ۽ ٻين رانديگرن جي مطالبي تي ڊپارٽمنيٽل اسپورٽس تي لڳايل پابندي کي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ميڊل کيٽيندڙ رانديگرن کي روڪ انعام وارا چيڪ ڏنا ۽ سندن پرفارمنس جي ساراهه بھ ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ايٿليٽس جي تقريب ۾ موجود آهي

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو تھ پاڪستاني ايٿليٽس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري قومي جهنڊُ بلند ڪيو، اوهان تي فخر آهي، ڇوتھ اوهان جي ڪاميابين سان نوجوانن ۾ حوصلو وڌيو آهي. ياد رهي تھ ملڪ جي سرڪاري کاتن واري ڊپارٽمينٽل اسپورٽس تي پابندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لڳائي هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button