رانديون

بابر نه هليو، ٻيا رانديگر فيل، ڀارت ايشيا ڪپ دنگل ۾ پاڪستان کي ملهه ماري ويو

ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ جي انتهائي اهم مئچ ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گذريل ناڪامي جو بدلو وٺي ڇڏيو، 148 رنسن جو حدف ڀارت آخري اوور ۾ پورو ڪيو، پاڪستان کي شاهين شاهه آفريدي جي غير موجودگي شدت سان محسوس ٿي. دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽي-20 فارميٽ تحت هلندڙ ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين بئٽنگ جي دعوت ملڻ تي 20 هين اوور ۾ 147 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ محمد رضوان 43 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 10، فخر زمان 10، افتخار احمد 28، خوشدل شاهه 2، شاداب خان 10، آصف علي 9، محمد نواز هڪ، حارث رئوف 13 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي 16 رنسن تائين محدود رهيا. ڀارتي بالرن مان ڀونيشور ڪمار 4 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو. جواب ۾ 148 رنسن جو هدف ڀارت ٻه بال اڳ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. هاردڪ پانڊيا 33 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته رويندر جڊيجا ۽ ويرات ڪوهلي 35- 35 رنسون ٺاهي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان طرفان محمد نواز 3 ۽ نسيم شاهه ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ۽ ٻيا بالر پنهنجي ڪارڪردگي سان متاثر نه ڪري سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button