پاڪستانسنڌ

سانگهڙ لڳ نارا ويلي ڊرين کي گهارو، پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو

سانگھڙ: سانگھڙ شھر ويجھو نارا ويلي ڊرين کي نوابشاھه روڊ تي يارھين پل وٽان خطرناڪ گھارو لڳي ويو، جنهن سبب پاڻي جو رخ شھر ڏانھن وڌڻ لڳو، جڏھن ته گھاري جي اطلاع تي شھر ۾ خوف واري صورتحال ڇانئجي وئي، شھري خوف وچان گھاري واري ھنڌ پھچي ويا، اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ به پهچي ويو، پر ڪو انتظام ڪرڻ يا ڪا مشينري گھرائڻ کانسوا واپس ھليو ويو. گهارو بند ڪرڻ لا ھڪ ڪرين مشين ڪم ڪري رهي آهي. شھر جي ٻڏڻ جي خطري جو ٻڌي سوين حر جماعت جا نوجوان ۽ اڳواڻ اڳوڻو وفاقي وزير حاجي خدابخش راڄڙ، ايم پي اي خليفو علي غلام نظاماڻي، علي حسن نظاماڻي، وقار جٽ، فقير ظفراللہ خاصخيلي ۽ دستگير راڄڙ به گهاري واري هنڌ پھچي ويا. شھر ڏانھن ايندڙ پاڻي کي روڪڻ لا نوجوان بندن کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ان موقعي تي حر جماعت ۽ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته حڪمران جماعت بدترين حڪمراني جو مثال قائم ڪندي سر سبز سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو، پ پ وٽ وفاقي وزارت آھي، موسميات جي انھن جي ويب سائيٽ تي الرٽ ڏنل ھئا ته مينھن وسندا، پر ھنن ڪو قدم نه کنيو، مينھن پوڻ کانپو به شهر کي بند ٻڌڻ، سم نالن جا بند مضبوط ڪرڻ لا مھينو ھو، پر ھنن تصويري سيشن ڪري رڳو وقت ضايع ڪيو، اڄ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ٻڏي پيو، ٻھراڙيون اڳ ئي ٻڏل ھيون، اربين رپين جو انفراسٽرڪچر تباهھ ٿي ويندو، پر حڪمران جماعت وٽ ڪو ويزن نه ھو، فوڪل پرسن جي نالي تي ھڪ نوجوان کي ٿاپيو ويو، جيڪو ٻوڏ کان بچا کان وڌيڪ نمائشي ڪمن ۾ پورو ھو. ھنن سخت تنقيد ڪندي چيو ته اڳ ٻڏل ماڻھن جي بحالي لا ڪي به قدم نه کنيا ويا، ھاڻ شھر ٻوڙايا پيا وڃن. اسان کي پيرپاڳاري جو حڪم آھي ته پنھنجي شھر جي بچا لا ڪوششون ڪريو ۽ اسان ڪنداسين، پر ڳري مشينري کانسوا ڪجھه نه ٿو ڪري سگھجي. ٻئي پاسي سم نالي کي گھارو لڳڻ سبب ڳوٺ غلام حسين سولنگي مان ڳوٺاڻن پاران سامان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوران 15 کان وڌيڪ ماڻهو پاڻي ۾ ڦاسي پيا، جن کي حر جماعت جي نوجوانن ٻاهر ڪڍيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button