بلاگسنڌ

ميهڙ لڳ سپريو بند کي گهارو، شهر ٻڏڻ جو خدشو، لڏپلاڻ شروع

ميهڙ:ميهڙ تعلقي جي ڪاڇي واري جابلو علائقي مان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي. ايف پي بچا بند ۽ ايم اين وي ڊرين کانپو سپريو بند کي لڳل روڻيون گذريل 8 ڪلاڪن کان بند نه ٿيڻ ڪري سپريو بند ٽٽي پيو ۽ سپريو بند کي 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن دوران گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ هيوي مشين کي باهھ لڳي وئي، جنهن بعد گهارو بند ڪرڻ وارو ڪم بند ٿي ويو. پاڻي تيزي سان ميهڙ طرف وڌڻ لڳو. ڳوٺ کهڙا وليج، خان جو ڳوٺ، چولي ڏيپر، جاگير، خوشحال ماڇي، ڳوٺ گرڪڻ، ماڏو ۽ ڳوٺ چارو سميت 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب سوين ماڻھو ڳوٺن ۾ ڦاسي پيا. نيوي ۽ پاڪ فوج جي جوانن پاران رات دير ٿيڻ ڪري ريسڪيو جو عمل شروع نه ٿي سگهيو. ميهڙ شھر سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي، هر طرف خوف حراس ۽ مايوسي ڇانئيل آھي، هوڏانهن صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن فياض علي ٻٽ ميهڙ شھر کي ٻوڏ کان بچائڻ لا رنگ بند ڏيڻ وارو ڪم تيز ڪري ڇڏيو. ميهڙ انڊس هائي وي سميت شھر جي چوطرف 6 هيوي مشينن ذريعي ڪم ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button