پاڪستانسنڌ

جوهي ۾ ڇنڊڻ کي گهارو، شهر ۽ ڳوٺن مان لڏپلاڻ شروع

جوهي: جوهي ۾ جوهي ڇنڊڻ کي گهارا پوڻ بعد ڳوٺن ۽ شهر مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي. سياسي سماجي اڳواڻ گهارو بند ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ان سلسلي ۾ جوهي ڇنڊڻ کي گهارا پئجي ويا، پاڻي جوهي جي ٻھراڙي ۾ داخل ٿي ويو، شھر کي خطري جي امڪاني صورتحال جي ڪري يوسي ڪمال خان، يوسي بهاول پور ۽ يوسي پير مشائخ ۾ سوين ڳوٺ خالي ٿيڻ بعد جوهي شھر مان پڻ لڏپلاڻ جو عمل جاري آھي. واپڊا اسڪارپ جي رٽائر چيف انجنيئر علي شير بلوچ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوهي شھر کي وڏو خطرو آھي، ايم اين وي ڊرين کي مٿان کان ڪٽ ھنيا پيا وڃن، جنهن ڪري اهو پاڻي جوهي شھر کي امڪاني ٻوڙيندو، شھرين کي محفوظ هنڌن تي وڃڻ گهرجي، رات ۽ صبح به ڳرا آھن، ائين ٿو محسوس ٿئي ته انتظاميا نالي ڪابه شئي ناهي. جڏهن ته جوهي جي شھرين جو وڏو تعداد سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران شھر کي بچائڻ لا پ پ صدر مجيد جمالي، جان محمد پهوڙ، پ پ ش ڀ اڳواڻ محمد هاشم کوسو، جسقم اڳواڻ قربان کوکر، ايس يو پي اڳواڻ غلام قادر لغاري، پي ٽي آئي اڳواڻ دستگير رند، سماجي اڳواڻ عزرا ميمڻ، ڊاڪٽر محمد عبدالله، اويس معشوق برهماڻي ۽ ٻين جي نگراني ۾ رات دير تائين ڪم جاري رکيو ويو. ڳوٺ خير محمد لغاري وٽ لڳل گهاري بابت چيو وڃي ٿو ته جوهي جو ھي پاڻي شروعاتي آھي، ان ڪري ائين پيو لڳي، ھن ئي پاڻي 2010ع ۾ جوھي ۾ ٻوڏ آندي ھئي، ھي پاڻي سڀ کان اڳ جوھي-دادو وارو روڊ ڇنڊڻ موري سان گڏ ٻوڙيندو ۽ ھن جو ٻيو وھڪرو گاڏھين کان جوھي-دادو روڊ ٻوڙيندو، جنهن بعد اڳتي وڌي ھي پاڻي جوھي-ڀان روڊ ٻوڙيندو منڇر جي بند تائين ويندو. معمولي نظر ايندڙ پاڻي ان ڪري خطرناڪ ھوندو آھي جو ھي پاڻي بولان نئين کان ھيرالدين ڊرين ڪاڇڙي حمل ڍنڍ کان ڇنڊڻ ۾ پوندو آھي ۽ ھن طرف ميھڙ ۽ خيرپور وارو پاڻي به سم نالن ڊريعي ھن ئي پاڻي سان ملي ويندو آھي، ٻين لفطن ۾ سڄي دريا، سنڌ جي ھن پاسي وارو پاڻي، بلوچستان جو پاڻي ۽ کير ٿر جي سمورين نين جو پاڻي منڇر کان درياهھ ۾ ئي ويندو آھي، ھن پاڻي کي گڊو بئراج کان وٺي منڇر تائين نڪرڻ جي ٻي ڪا واٽ ڪانھي، ھي پاڻي ايف پي بند مٿان ۽ ڇنڊڻ مان نڪرندو آھي، اولهھ کان ايف پي بند ٽٽي يا اوڀر کان ڇنڊڻ ھي پاڻي ساڳيو ئي ھوندو آھي، آر بي او ڊي ٺھڻ کان اڳ ھي پاڻي ڇنڊڻ کي اوڀر تي دادو ڏانھن لوڙھي ھيٺ لھي ويندو ھو، پر جڏھن کاڻ ڇنڊڻ يا آر بي او ڊي جي اڀرندي بند کي مضبوط ڪيو ويو آهي، ان کانپو دادو وارو طرف تمام گھڻو مضبوط ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ ان طرف نه لڙھندو، ھن کنڊ مان جوھي کي ان ڪري خطرو آھي جو ھي پاڻي جتان نڪري ٿو، اھا جڳهھ جوھي وغيرہ کان گھڻي مٿي آھي. 42ع، 74ع، 95ع ۽ 2010ع وارين سمورين ٻوڏن ۾ بنا بند جي ڇنڊڻ جي اولهھ طرف پير مشائخ جو مقبرو ۽ ڳوٺ خير محمد جنھن کي الھندي ناري جي ڪپر جا قديمي دڙا ھئڻ ڪري ڪنڌو به چوندا آھن، اھي 2 جڳھيون نه ٻڏيون ھنيون ۽ پاڻي اولهھ توڙي اوڀر کان نڪري ويو ھو، ھن وقت به ھي کنڊ ٻڌي سگھجن ٿا، ڇو جو اتي فلحال وھڪرو گھٽ آھي، پر ھڪ حڪمت عملي تحت سڪايو به جوھي تعلقي جي ھن علائقي ٿو وڃي ۽ ٻوڙيو به ھن علائقي کي وڃي ٿو. سرڪار نه چاھي ته ڇنڊڻ جو ھن طرف ٽٽڻ ممڪن ناهي، ڇنڊڻ جو ھي طرف تمام مٿي آھي، دادو واري طرف کان عام طور تي ھن طرف وارو برساتن جو سمورو پاڻي ايم اين وي ۾ نيڪال ٿيندو ھو، سڄي ڪاڇي جي نين جو پاڻي به ڇنڊڻ واري جڳهھ تي الھندي ناري ۾ پوندو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button