سنڌ

صحافي وقار ستي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ مذمت جوڳو عمل آهي:شازيه مري

غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاقي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري پاران صحافي وقارستي جي خلاف راولپنڊي ۾ توهين مذھب جي آڙ ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ تي سخت لفظن ۾ ردعمل ڏيندي چيو آهي ته صحافي وقار ستي جي خلاف توھين مذهب جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ردعمل ڏيندي ھن چيو ته ڪنهن جي به خلاف توهين مذھب جا الزام لڳائڻ جي نتيجن کان اسان بخوبي واقف آھيون، هي شخص (عمران خان) هڪ صحافي کي سزا ڏيارڻ لاءِ توهين مذھب کي ھٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. شازيه مري سوال ڪندي چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پنجن ٻڏي ويل ڀائرن کي بچائڻ لاءِ سرڪاري هيلي ڪاپٽر موڪلڻ کان انڪار ڪندڙ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير خلاف ايف آءِ آر ڇو داخل نه ڪئي وئي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button