سنڌ

ٻوڏ متاثرن جو هر طرح خيال رکيو وڃي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ سٽيلن خلاف درج ڪرايل ايف آءِ آر جو نوٽيس وٺندي جلد واپس وٺڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته متاثر هن وقت ڏک ۽ تڪليف ۾ ورتل آهن، اسان کي انهن جو هر طرح سان خيال رکڻو آهي ۽ انهن سان پيار، محبت ۽ احترام سان پيش اچڻو آهي. هن چيو ته اهڙن ڪيسن جو داخل ٿيڻ نامناسب ۽ برداشت جوڳو نه آهي. هوڏانهن اهو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن پاڪستان جو وزير اعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ سکر جي دوري دوران ٻوڏ متاثرن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو وٺندي ساڻن ملاقات ڪري رهيو هو ته ڪجهه متاثرين سندن گاڏي اڳيان اچي احتجاج شروع ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير انتظاميا تي زور ڏيندي چيو ته متاثرن کي ڪابه شڪايت نه هئڻ گهرجي ۽ انهن جو هر صورت ۾ خيال رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button