سنڌ

صحافي تي ڪيس فاشسٽ سوچ جي نشاني آهي:بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب حڪومت پاران صحافي وقار ستي جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته تنقيد کان گهٻرائي صحافي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو مثال ڪنهن مهذب معاشري ۾ نٿو ملي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو تنقيد کي روڪڻ لاءِ صحافي وقار ستي جي جان جي سلامتي کي داءُ تي لڳائڻ جمهوري معاشري جي روايت نه آهي، هڪ ليڊر جي ڪنهن عمل يا بيان جي سڃاڻپ ڪرڻ تي ئي ابتو صحافي جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ فاشسٽ سوچ جي نشاني آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب حڪومت صحافي وقار ستي جي خلاف بي بنياد ڪيس واپس وٺي، ڪنهن کان ذاتي انتقام وٺڻ هڪ حڪومت کي نٿو سونهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button