سنڌ

سياست ٿيندي رهندي،هي وقت ٻوڏ متاثرن جي مدد جو آهي:آصف زرداري

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، جيڪڏهن صحت اجازت ڏئي ها ته متاثرن وٽ موجود هجان ها. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت پاڪستان بيت المال کي متحرڪ ڪري غريبن جي مدد ڪري ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائي غريبن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. آصف زرداري پ پ جي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي تڪن ۾ عوام سان گڏ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت متاثرن جي ٻيهر بحالي جي ذميواري نڀائيندي، متاثرن سان واعدو آهي ته انهن جي بحالي تائين سُک سان نه ويهنداسين، سياست پوءِ ٿيندي رهندي، هي وقت عوام جي ڀرپور خدمت ڪرڻ جو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button