سنڌ

هي سڀ کان بيرحم ٻوڏ آهي،سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو:سراج دراني

وقتي گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني بين الاقوامي ٽيلي ويزن کي انٽرويو ڏيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي اسان عوام ۾ ڪڻڪ جا بيگز ورهائي رهيا آهيون. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پنهنجي علائقن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته ماڻهن جي ذاتي طور تي سار سنڀال ۾ هو هڪ هفتي کان مختلف جاين جو دورو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جايون ڊهڻ جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. شهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، هي پهريون ٽينٽ سٽي آهي، دوستن جي سهڪار سان اسان جو منصوبو ماڻهن کي بچائڻ آهي. آغا سراج خان دراني چيو ته هي تمام مشڪل ڪم آهي، ڇو ته 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ 2012 جي برساتن کان بعد هي ٽيون دفعو آهي، جنهن اسان کي مشڪل ۾ وڌو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي سڀ کان بي رحم ٻوڏ آهي، هن ٻوڏ سان پوري صوبي ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت تمام گهڻي محنت ڪري رهي آهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صوبي جي ڪنڊ ڪنڊ جو دورو ڪري رهيو آهي. وقتي مقرر گورنر سنڌ چيو ته وزيراعظم پاڪستان به هتي آيو هو ۽ هن فضائي دورو پڻ ڪيو ۽ هن اسانجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ڪيترن ئي علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. هن چيو ته اسان کي هن وقت بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو آهي. اسان خيمن ۽ کاڌ خوراڪ جي شين تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ايمبولنسز فراهم ڪيون ويون آهن ۽ ڊاڪٽرز به هر جڳهه تي پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي تمام گهڻي مدد جي ضرورت آهي، توهان اسان جي مدد ڪري سگهو ٿا. اهڙا علائقا به آهن جتي پهچڻ لاءِ روڊ ئي ناهن. گپ جي ڪري توهان گاڏي نٿا هلائي سگهو. آغا سراج خان دراني شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي سموري انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته ماڻهن جي علائقن، شهرن، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃڻ کي يقيني بڻائين. آغا سراج خان دراني چيو ته مون ذاتي طور تي به دورا ڪيا آهن ۽ متاثرن جي ضرورت جو سمورو سامان کڻي وڃان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button