پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ صوبائي وزير جي ٻني بچائڻ لا شاخ کي ڳنڊو

عمرڪوٽ:عمرڪوٽ ۾ فوڪل پرسن رين ايمرجنسي صوبائي وزير سردار علي شاهه پنهنجي زرعي زمين بچائڻ لا شاخ کي ڳنڊو ڏياري ڇڏيو، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو ٿي پيو. ايس ڊي او سب ڊويزن فرش موري اسد ميمڻ صوفي شاخ کي صوبائي وزير سردار شاهھ جي زمين کي بچائڻ لاءِ پنجين واٽر وٽان ڳنڊو ڏئي بند ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته صوفي شاخ کي ڳنڊو ڏئي بند ڪرڻ سبب ڳوٺ بچو مڱريو، ھمير مڱريو، برھان پلي، صالح پلي، ڀورو مالھي ۽ ٻين ڳوٺن وٽ ڪنھن به وقت شاخ کي گھارو لڳي سگهي ٿو ۽ سمورا ڳوٺ ٻڏي ويندا. شاخ ۾ مٿان کان پاڻي فل ڇڏيو پيو وڃي، ھيٺ صوبائي وزير سردار شاهه پنهنجي ٻني بچائڻ لاءَ ڳنڊو ڏياريو آھي، گهارو لڳڻ ڪري نقصان ٿيندو. ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ وس وارا شاخ کي لڳل ڳنڊو فورن کولرائي ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button