پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ پاڪ فوج پاران متاثرن ۾ راشن ورهايو ويو

ڇاڇرو:ڇاڇرو شهر ۾ ٻوڏ متاثرن وٽ پاڪ فوج جو ميجر جوانن سان گڏ سامان کڻي پهتو، جتي شهر جي مختلف پاڙن سودرا پاڙو، بجير ڪالوني، تيلي ڪالوني ۽ فقير پاڙي ۾ برسات متاثر خاندانن کي پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن راشن، بسڪيٽ، مڇردانيون، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻيو ضروري سامان ڏنو. جڏهن ته فوجي آفيسرن برسات ۾ متاثر ٿيل گهرن جو معائنو به ڪيو. ان موقعي تي ميجر اڪبر علي گجو چيو ته پاڪ فوج ٻوڏ دوران متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، متاثرن کي پاڪ فوج اڪيلو نه ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button