پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۽ ڀرپاسي ۾ 5 گهر ڪري پيا، متاثر امداد لا پريشان

مقصودو رند: مقصودو رند ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برسات متاثرن جي ڪنھن به سار نه لڌي. شهر ۾ مزدور غلام عباس رند جو گھر ڪري پيو. ڳوٺ رئيس بروهي ۾ منير بروھي ۽ ھادي بخش بروھي جا گھر ڪري پيا. ڳوٺ حاجي رند ۾ قصيده خوان ولي محمد رند جو گھر ڪري پيو. ڳوٺ مٺو رند ۾ ڏاڙھون رند جو گھر ڪري پيو. ڳوٺ خيرو رند ۾ باغ علي رند، رياض حسين رند، رسول بخش رند ۽ خالد رند جا گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن. مختلف ڳوٺن سھجو رند، خان رند، زوار لعل بخش رند، ماڻڪ رند، عبدالحڪيم بروھي، بنگل زرداري، راضي زرداري، رسول بخش زرداري ۽ ڪرم الله ڏاھري ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي ۽ ماڻھن جا اجھا ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، جنھن ڪري بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثر سخت پريشان آهن، جن کي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خيما، راشن ۽ مڇردانين سميت ڪا سهولت ناهي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button