پاڪستانسنڌ

ڇور ۾ پوليس احتجاج ڪندڙ عورتن تي لٺيون وسائي ڇڏيون

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ پئسن مان ڪٽُوتي خلاف عورتن احتجاج ڪيو، پوليس اهلڪارن لٺبازي ڪري ڏني. ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ ضلعي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جا پئسا ڪڍرائڻ لاءِ ھزارين عورتون شھر جي مختلف ھنڌن تي پنھنجا ڪارڊ کڻي پهتيون، پوليس جي ملوث ھئڻ ڪري سرعام سڄي ضلعي ۾ قائم سينٽرن تي هڪ کان 3 هزار رپين جي ڪٽوتي جاري آھي. ڇور جي ھڪ سرڪاري عمارت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي ٿي، جنھن خلاف عورتن دانهون ڪيون ۽ سينٽر تي احتجاج ڪيو ته پئسن مان ڪٽوتي نه ڪريو، اسان ٻوڏ ستايل آھيون. احتجاج دوران پوليس اهلڪارن متاثرن عورتن تي لٺبازي ڪري ڏني، جنهن بعد سينٽر کي بند ڪيو ويو. متاثر عورتن چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته پوليس اهلڪارن ۽ ڪٽوتي ڪندڙ سينٽر عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڊوائيس مافيا ۽ پوليس جي ملوث هجڻ سبب ضلعي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي جاري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button