نيشنل ٽي 20 ڪپ جي ٽورنامينٽ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٽيمن پنهنجون پنهنجون ميچون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق سنڌ مقرر اوورن ۾ 147 رنسون ٺاهيون ۽ موٽ ۾ سدرن پنجاب 105 رنسن تي آئوٽ ٿي 42 رنسن شڪست کاڌي آهي. جڏهن تھ سنڌ جي سرفراز احمد 42، صائم ايوب 30 رنسون ٺاهيون. سدرن مان شرون سراج 36 رنسون ٺاهيون. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ بلوچستان جي 186 رنسن جي جواب ۾ سينٽرل پنجاب 184 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close