رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري، مچل مارش ون ڊي سيريز مان آئوٽ

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر مچل مارش کي زمبابوي خلاف باقي ون ڊي سيريز جي باقي ميچن مان آئوٽ ڪيو ويو آهي تھ جيئن هو ايندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ بهترين نموني سان پرفارم ڪري سگهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي ٽيم مينيجمينٽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي، جنهن زمبابوي خلاف ون ڊي ميچن ۾ مچل مارش کي آرام ڏنو آهي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي ۾ بھ مچل مارش نھ هوندو، ڇوتھ هو معمولي انجري جو شڪار آهي.  هوڏانهن مچل مارش ڀارت خلاف سيريز ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ ٽيم جو حصو هوندو. اسٽيو سمٿ جو چوڻ آهي تھ مچل وائيٽ بال ۾ شاندار کيڏي پيو، وڏي ايونٽ سبب سندس آرام ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button