رانديون

پاڪستاني دوري ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڏس ۾ انگلش اسڪواڊ جو اعلان

انگلينڊ ۽ ويلز جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستاني دوري ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڏس ۾ انگلش اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ جوز بٽلر کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي ۽ جيسن رائي ڊراپ ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ ۽ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاران اعلان ڪيل ٽي 20 اسڪواڊ ۾ ڊيوڊ ميلان بھ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. انگلينڊ بورڊ پاران پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ 19 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان جوز بٽلر ۽ نائب ڪپتان معين علي هوندا. جڏهن تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو اسڪواڊ 15 رڪني هوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آئن  مورگن جي رٽائرمينٽ بعد صحتياب ٿيل جوز بٽلر کي کنيو ويو، مارڪ ووڊ ۽ ڪرس ووڪس بھ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت ٽيم ۾ هيري بروڪ، جارڊن ڪوڪس، رچرڊ گليسن، ٽام هيلم، عادل رشيد، فل سالٽ، ول جيڪسن، ليام ڊئوسن، ريسي ٽوپلي، بين ڊڪٽ، ليوڪ ووڊ، ڊيوڊ ويلي بھ پاڪستان ايندا. جڏهن تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ ليونگ اسٽون، جوني بيريسٽو ۽ بين اسٽوڪس کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button