اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ سرڪاري زمينن تي سياستدانن جو تختيون لڳائڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ اويڪيو ٽرسٽ جي زمين جي ملڪيت بابت درخواست خارج ڪندي سرڪاري زمينن تي سياستدانن جي نالن جو تختيون لڳائڻ کان روڪي ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اويڪيو ٽرسٽ جي زمين جي ملڪيت بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. عدالت چيو ته سياستدان حڪومتي زمينن تي پنهنجن نالن جون تختيون ڪئين لڳائي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ڪو سياستدان پنهنجي ذاتي زمين رياست کي ڏيڻ چاهي ته سندس آجيان ڪنداسين. عدالت چيو ته حڪمنامي جي ڪاپي پنجاب حڪومت، چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ڏانهن اُماڻي وڃي. ان دوران اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ سيدپور روڊ ويجهو زمين کي وفاقي حڪومت ڪچي قرار ڏنو. ڪچي آبادي 1992ع ۾ ڊڪليئر ٿي ۽ 2008ع ۾ پرويز الاهي شهرين کي ملڪيت جون سندون ڏنيون، سندون ڏيڻ تي پرويز الاهي جي تختي جو نالو لڳايو ويو. وڪيل موجب ڪچي آبادي جي زمين ۾ ڌرم شالا به آهي جيڪا اويڪيو ٽرسٽ جي ملڪيت آهي. جسٽس قاضي فائز عيسي پڇاڻو ڪيو ته اويڪيو ٽرسٽ جي زمين جي ملڪيت جو ڪهڙو ثبوت آهي؟ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ ڪچي آبادي تي اڏيل ڌرم شالا جي حق جي دعويٰ پهرين نه ڪئي ۽ نه ئي ملڪيت بابت ڪي ثبوت آهن. جنهن بعد عدالت اويڪيو ٽرسٽ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button