اسلام آبادپاڪستان

عمران ۽ ٻين اڳواڻن جي ادارن خلاف تقريرن بابت درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جي ادارن خلاف تقريرن بابت درخواست سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. شنوائي لاءِ مقرر ڪيل درخواست ۾ عمران خان کانسواءِ فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري جا نالا پڻ شامل آهن. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ادارن خلاف تقرير بابت درخواست تي شنوائي جي لاءِ بئنچ جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي نقوي تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ 8 سيپٽمبر تي ڪيس جي شنوائي ڪندي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست گذار قوسين فيصل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button