پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکي وقت تي نه ٿي ته اٽو مهانگو ٿيندو:مفتاح اسماعيل

ڪراچي: وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل مهانگائي جو اعتراف ڪندي شرمساري جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته حڪومت وٽ 13 مهينا آهن پر مون وٽ شايد ايترو وقت نه آهي. پاڪستان ۾ ڪوبه ٽيڪس نٿو ڏيڻ چاهي. ناڻي واري وزير چيو ته هر ملڪ کان پئسا گهري رهيا آهيون جنهن تي شرم اچي ٿو. ملڪ ۾ 23 لک دڪاندار آهن، مون کان غلطي ٿي ته بند دڪانن تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏيو. ايف بي آر مون کي ان بابت نه ٻڌايو هو، مان ماهوار فڪس ٽيڪس 3 هزار رپيا لڳايو هو. ٻن مهينن کان پوءِ بجلي جي قيمت گهٽجي ويندي، حڪومت مشڪل وقت ۾ مشڪل فيصلا ڪيا. پي ٽي آئي آئي ايم ايف سان معاهدو ڪيو ۽ پوءِ ڀڃڪڙي ڪئي. پاڪستان حڪومت ڪڏهن به ڊيفالٽ ناهي ڪيو ۽ مستقبل ۾ به ڊيفالٽ نه ڪندي. جمعي تي آئي بي اي سيمينار کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته تحريڪ انصاف آئي ايم ايف سان معاهدو ڪيو پر ان جي ڀڃڪڙي ڪئي. پي ٽي آئي آئي ايم ايف کان نومبر ۾معاهدو ڪيو ۽ پوءِ ٻارڻ تي سبسڊي ڏئي معاهدو ٽوڙيو هو. حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ اسان جي پهرين ترجيحي آئي ايم ايف پروگرام کي بحال ڪرڻو هو. مفتاح اسماعيل چيو ته اسان مشڪل وقت ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ ترت آئي ايم ايف سان رابطو ڪيو ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته پاڪستان جي 80 سيڪڙو صنعتي پيداوار مقامي سطح تي وڪرو ٿئي ٿي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکي وقت تي نه ٿي ته اٽو مهانگو ٿيندو. ملڪي معيشت جي حوالي سان ڳالهائيندي مفاح اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ ڪوبه ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، 80 سيڪڙو صنعتڪار پنهنجو مال ملڪ ۾ئي وڪرو ڪن ٿا ۽ ايڪسپورٽ کي ترجيح نٿا ڏين. امير ماڻهو وڌيڪ امير ٿي امپورٽ وڌائي ٿو، جيڪڏهن غريب ماڻهو کي خوشحال ڪنداسين ته معيشت هلندي. ناڻي واري وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 15 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڪرونا ۾ 4 ڏهائي 5 ارب ڊالر جو قرض معاف ٿيو. هن چيو ته پاڪستان هن وقت تائين پورٽ سان ٽيڪس حاصل ڪئي آهي ۽ ببلگم جو جيڪو ڪچو مال آهي، ان جي به درآمدي ڊيوٽي ڏني وڃي ٿي. هڪ سيڙپڪار پلاسٽڪ فيڪٽري لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ 20 سالن لاءِ ٽيڪس ۾ رعايت گهري ورتي. هن ٻڌايو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17 ڏهائي 5 ارب ڊالر ۽ مالياتي خسارو 5 هزار ارب رپين جو آهي. مسئلن ۾ اچون ٿا ته ان سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ٿو. هي مشرف دور ۾ 8 ڏهائي هڪ ارب ڊالر هو. عمران خان جي دور ۾ ملڪ تي 20 هزار ارب رپين جو قرض وڌيو. اسان اچي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ڏنيون، ٽن مهينن لاءِ لگزري آئيٽمز تي پابندي لڳائي وئي. تيل اسمن جي اگهن ۾ گهٽ وڌائي جي حوالي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته تيل اسمن تي ليوي وڌائي ويندي، ان کي وڌائڻ مجبوري آهي. فيبروري کان اپريل 2022 تائين پرڏيهي ذخيرن ۾ 5 ارب ڊالرز تائين گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٻه ڀيرا ڪراچي مان چونڊ وڙهيس ۽ هارايو پر جيڪڏهن هاڻي هارايو ته پوءِ اليڪشن نه وڙهندس. مان پنج مهينا جيل ۾ هيس ته نيب وارن کان پڇيو منهنجو ڪو قصور نه هو. هن چيو ته معاشري ۾ نوجوانن جو ريشو وڌيڪ آهي، معيشت ۾ بهتري سان آبادي وڌي ٿي. امپورٽ وڌڻ سان معيشت تي هاڪاري اثر پون ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ بجلي ۽ پاڻي جا مسئلا آهن. وزيراعظم شهبازشريف سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪرڻ جو پلانٽ لڳائڻ لاءِ چيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جو برو حال آهي ڪراچي ۾ گورننس نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button