رانديونسنڌ

موهن جي دڙي کي ٻوڏ ۾ وڏو نقصان،عالمي ثقافتي ورثي واري لسٽ مان خارج ٿيڻ جو خدشو

قديم آثارن واري کاتي موهن جو دڙو جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪم تي فوري ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان حوالي سان تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته هي تاريخي ماڳ عالمي ثقافتي ورثي جي لسٽ مان نڪري سگهي ٿو. ذريعن ٻڌايو ته موهن جو دڙو جي آثار قديمه جي کنڊرات ۾ 16 کان 26 آگسٽ تائين 779 ڏهائي 5 ملي ميٽر رڪارڊ برسات ٿي، لاڳيتو برسات جي نتيجي ۾ هن هنڌ کي ڪافي نقصان ٿيو ۽ اسٽوپا گمز جي حفاظتي ڀت سميت ڪيتريون ئي ڀتيون اڌ ڪري پيون آهن. موهن جو ڌڙو جي نگران 29 آگسٽ تي ڊائريڪٽر ثقافت، نوادرات ۽ آثار قديمه کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته اسان پنهنجي وسيلن سان هن هنڌ جي حفاظت لاءِ ڪوششون ڪيون آهن هن ٻڌايو ته عالمي ثقافتي ورثي جي حفاظت لاءِ آبپاشي کاتو، ٻيلي کاتي سميت ٻين کاتن جو ڪردار گهڻو ضروري هو ڇو ته زميندارن ۽ هارين موهن جو ڌڙو جي نالي ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ نه رڳو پائپ وجهي ڇڏيا هئا پر شاخن ۽ رستن کي به ڪٽ ڏنو هو. ڄاڻايل کاتن جي لاپرواهي جي ڪري ويجهين زرعي زمينن مان ايندڙ برسات جي پاڻي موهن جي دڙو جي نالي کي ڀري ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو ته ان جي سڀ کان وڌيڪ پاڻي جي نيڪال ۾ دير ٿي ۽ پاڻي ڪئمپن ۾ به گهڙي ويو. سائيٽ تي لاڳاپيل اهلڪار چيو ته برسات کان پوءِ اسان کي سنڌو درياهه جي سطح ۾ مسلسل چاڙهه جي صورت ۾ هڪ ٻي هنگامي صورتحال آڏو آهي. خط مطابق جيتوڻيڪ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح گهٽ آهي جڏهن ته موهن جو ڌڙو جي ويجهو حفاظتي بند تي ٺهيل رستي سبب (جنهن ۾ ڏار، کڏا پئجي ويا آهن) آبپاشي کاتي جي مقامي عملدارن سان رابطو ڪيو پر هي ڪوششون بيڪار ثابت ٿيون، خط ۾ چيو ويو ته ڪوبه ان جو معائنو ڪرڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناهي آيو. آثار قديمه کاتي بند جي مرمت، شاخ جي ڀڃ ڊاهه ۽ پائيپن کي هٽائڻ لاءِ آبپاشي کاتي سان فوري رابطو ڪرڻ جي گهر ڪئي. نگران برساتن دوران موهن جو ڌڙو کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ماهر موڪلڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button