رانديون

پاڪ افغان ميچ ۾ هزارين ماڻهن بنا ٽڪيٽ اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا

پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ڏسڻ لا هزارين ماڻهو ٽڪيٽ بنا ئي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا، جنهن سبب ٽڪيٽن وارا مداح وڏي تعداد ۾ اندر نھ وڃي سگهيا آهن. ميڊيا کي آئي سي سي اختيارين پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي دبئي ۾ کيڏيل ميچ ٽڪيٽن وارا شوقين نھ ڏسي سگهيا آهن. جڏهن تھ دبئي ۾ هن ميچ جي حوالي سان 16 هزار ٽڪيٽون جاري ڪيون هيون، پر گيٽ کلندي بنا ٽڪيٽ جي هزارين ماڻهو اندر داخل ٿي ويا ۽ صورتحال قابو مان نڪرڻ جي خدشي سبب گيٽن کي بند ڪرڻو پيو، جنهن سبب ٽڪيٽن وارا ڪيترائي مداح اسٽيڊيم ۾ نھ اچي سگهيا. آئي سي سي موجب ٽڪيٽ باوجود اسٽيڊيم ۾ داخل نھ ٿي سگهندڙ ماڻهن کي پيسا واپس ڪيا ويندا. بيان ۾ چيو ويو آهي تھ ايمريٽس بورڊ کي چيو آهي تھ اهي ٻيهر اهڙو واقعو ٿيڻ نھ ڏين. جڏهن تھ پوليس ۽ سيڪيورٽي عملي ماحول خراب ٿيڻ نھ ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button