رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز ۾ کيڏڻ وارن اسڪواڊز جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز کيڏڻ وارن اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق رضوان، فخر الزمان ۽ شاهين آفريدي کي انگلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۾ آرام ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ شاهنواز ڏاهاڻي، فخر الزمان ۽ محمد حارث ٽي 20 ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ ريزرو طور کنيا ويا آهن. اهڙي ريت شان مسعود انگلينڊ خلاف کيڏندو ۽ امڪان آهي تھ نيوزيلينڊ ۾ رٿيل ٽھ ملڪي سيريز جو اسڪواڊ ساڳيو ئي هوندو. انگلينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابراعظم، نائب ڪپتان شاداب خان هوندا، ٻين رانديگرن ۾ عابر جمال، ابرار احمد، آصف علي، افتخار احمد، حيدر علي، حارث رئوف، محمد نواز، حسنين، نسيم شاهه، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button