
پاڪستان جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ آئي سي سي جو مشهور امپائر اسد رئوف لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق اسد رئوف دل جي تڪليف سبب لاهور ۾ دم ڏنو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اسد رئوف 64 ٽيسٽ، 139 ون ڊي ۽ 28 ٽي 20 ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، جنهن ۾ هن امپائرنگ طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. اسد رئوف 2000ع ۾ امپائر بڻيو ۽ 2012ع ۽ 2013ع ۾ اسڪينڊل سبب سندس ڪيريئر پڄاڻي تي پهتو. پي سي بي چيئرمين رميز راجا ڏک جو اظهار ڪندي اسد رئوف جي مزاح واري حس کي لاجواب سڏيو آهي.