![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/09/pakistan-socca-team-e1663419763302-780x470.jpg)
پاڪستان جي فٽبال ٽيم سوڪا ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ هٿان هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ملڻ سبب ايونٽ مان ٻِاهر ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم 15 رائونڊ جي ميچ ڪاميابي نھ ماڻڻ سبب ايندڙ مرحلي ۾ جڳهه نھ ٺاهي سگهي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پاڪستاني ٽيم ٽن ميچن ۾ شڪست ۽ هڪ ميچ ڊرا ڪرڻ سبب ايونٽ ۾ ڪواليفائي پوائينٽون ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي آهي.